ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل اين?? ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف علوي چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي ??ور ڏيندي چيو ته انڊسٽري ۽ تربيتي ادارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقع?? فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اين?? ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي صوبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام ??وڙ?? ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ??ور ڏنو. هن ڌرين تي ??ور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اين?? ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي: خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje