ميڊرڊ-24 مئي (اي پي پي)اسپين جي ميلورڪا ٻيٽ ۾ عمارت ڪر?? جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 16 ٻيا زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن موجب اسپين جي ٻيٽ ميلورڪا اهو حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ عمارت گرائونڊ فلور تي واقع هوٽل مٿان ڪري پئي.واقعي جو اطلاع ملندي ئي فوري طور تي پوليس، باه وسائيندڙ عملو ۽ صحت کاتي جون ٽيمون پهچي امدادي ڪاراين جي شروعات ڪئي جڏهن ??ه فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو. اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ايڪس تي جاري ڪيل پو??ٽ ۾ خوفناڪ حادثي تي افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز پڻ عمارت ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇ??ي آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ