اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مم??ڪتي وزير مريم اورنگزيب معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جو حق حاصل ٿيڻ تائين انهن جي سياسي، اخ??اقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مم??ڪتي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گڏيل قومن کان سوال ڪري ٿو ته مظلوم، معصوم ۽ ڀارتي رياستي دهشتگ??دي جو شڪار ڪشميرين سان انهن جا واعدا ڪڏهن پورا ٿيندا؟ ڪشميرين کي انهن جو حق ڏيارڻ کانسواءِ عالمي ادارا ۽ دنيا پاڻ کي مهذب ۽ انصاف پسند چورائڻ جو حق نٿي رکي، ڀارتي فوج جي جنت واري زمين ۾ موجودگي عالمي ادارن ۽ مهذب دنيا جي لاءِ چئلنيج آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی