لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) اسٽين ليس اسٽيل وانگر ڌوپجي چڪي آهي، ڪجهه ناڪام سياستدان مسلم ليگ (ن) ۽ ادارن جي خ??اف ڇڪتاڻ جي ??اڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جو چور دروازو کلي وڃي پر اهي مايوس ٿيندا، ملڪ جي ترقي جي ??اءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي، ادارن ۾ ڪو ٽڪراءُ نه آهي، موجوده حڪومت پارليامينٽ جي 5 سالا مدي جي حرمت کي بحال ڪيو. هو ايڪسپو سينٽر ۾ يونيورسٽي آف ??ئن??جمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ??ي اهتمام هيٺ ٻي عالمي بزنس ڪانفرنس ۽ نمائش کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ ملڪ جي ??عيشت ٻڏي چڪي هئي جڏهن پاڪستان ۾ ڪير به سيڙپڪاري ڪرڻ جي ??اءِ تيار نه هو پر هاڻي هتي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ترقي ??ي اها ئي رفتار جاري رهي ته 2025ع ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ ٿيندو.
ملڪ جي ترقي جي لاءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز