اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) حڪومت جي قانوني ٽيم ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن آرمي چيف جي ملازمت جي مد?? ۾ ??اڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قومي ادارن ۾ استحڪام پيدا ٿيو آهي، حڪومت جمهوريت، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، عدليه ۽ فوج اسان جا ادارا آهن، انهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، عدليه ڪا به سمري رد ناهي ڪئي، عدالت قانوني نڪتا اٿاريا ان جي ڏس ۾ اسان نوٽيفڪيشن ۾ تبديليون ڪيون ۽ نئون نوٽيفڪيشن عدالت تسليم ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ، اٽارني جنرل انور منصور خان ?? قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش