اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن، ??ريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??اڪٽر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم ??ڪم?? ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي ??ان جاري آهي، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگهي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن، ??زيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات