اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو ??جلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ??فصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي ??قي??ي بڻائيندي زند??ي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروبار?? شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي وين??ي جيڪي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن ??ي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو ??تفاق راءِ ٿيندو، اها صنعت?? شعبي کي جاري ڪئي وين??ي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زند??ي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غير??قي??ي جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha