اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاء?? پاڪستان پاران ??ال??ريل ڄمون ?? ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو ??ال??ريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ?? ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ?? ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.
عالمي برادري ۽ گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجا واعدا پورا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا