اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??، مجموعي طور ت?? پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحاد?? پارٽ??ن جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آه??. آئ??ن جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئ??ن جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄ?? پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ ر??سٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄ?? پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ ر??سٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ ر??سٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ ر??سٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آه??. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.
قومي اسيمبلي پاران وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار