فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نيشنل اسپتال جناح ڪالوني فيصل آباد ۾ 12 بيڊز تي ٻڌل نئين ڪورونا ??ار?? جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراع??م عمران خان جو ڌيان انساني ترقي تي آهي جنهن جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته هاڻي 30 سالن تائين جي نوجوانن جي ويڪسي نيشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ اين آءِ سي ادارو چائنا سان گڏجي ويڪسين تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ??وچ??و اها وبا سامهون آئي ته حڪومت کي ڪوويڊ 19 ۾ وڏا چئلينجز درپيش هئا جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي ٽيسٽن جي لاءِ پي سي آر ليبز جي پڻ کوٽ هئي پر حڪومت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ هاڻي 50 هزار ٽيسٽ روزانو ڪيا پيا وڃن اهڙي طرح وسيع پئماني تي تياري جي ڪري فيس ماسڪ پڻ انتهائي گهٽ ق??مت تي دستياب آهن جڏهن ته ڪورونا ڪٽس جي پيداوار پڻ شروع ڪرڻ سميت اسان ماسڪ ۽ ڪورونا ڪٽس ايڪسپورٽ پڻ ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان وينٽي ليٽرز جا ??اڊل پاس ٿيا ۽ اهي پاڪستان ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.
فرخ حبيب نيشنل اسپتال جناح ڪالوني فيصل آباد ۾ 12 بيڊز تي ٻڌل نئين ڪورونا وارڊ جو افتتاح ڪيو
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ