اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ڪاروباري ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي س??ولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي س??ڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سرمائي جي منتقلي کي آسان بڻائيندي ڪاروباري ماحول کي ب??تر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي س??ليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ غير ملڪي س??ڙپڪارن ?? پاڪستانين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي دوران در??يش مسئلن تي غور ڪيو ويو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ماهرن در??يش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڏکيو طريقيڪار، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو عمل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪاروبارن ?? سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪاروباري ماحول کي ب??تر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته جئين پاڪستان کي آءِ ٽي س??ڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي س?? پي) اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي جنهن سان ايس اي س?? پي ۾ ڪنهن ڪمپني کي رجسٽر ڪرڻ ۾ صرف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري ب??رڊ جي س??ڪريٽري ٻڌايو ته تجارتي ۽ ڪاروباري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪاروباري ادارن کي غير ملڪي س??ڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهيو آهي، اجلاس غير ملڪي س??ڙپڪارن کي س??ولت ڏيڻ لاءِ موجوده نوٽريائزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي ب?? زور ڏنو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت غير ملڪي ڪاروبارن ?? سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ پاڪستاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار