اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صنعتي ترقي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ جديد ٽي??نا??اجي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم شروع ڪرڻ بابت دستاويزن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته تقريب ۾ شرڪت تي سڀني کي ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪاروباري برادري جون تجويزون گهربل آهن، ان فورم جي قيام سا?? حڪومت کي واپار ۽ ڪاروبار بابت مسئلن کي ڄاڻڻ ۽ حل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته چين جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاري لاءِ وقت گهڻو ا??م هوندو آهي، ڪوشش آهي ته سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. روانگي واپار وڌائڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ملڪي ترقي صنعتي ترقي سا?? جڙيل آهي. روانگي واپار کي فروغ ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي انفارميشن ٽي??نا??اجي جي انقلاب مان فائدو کڻڻو آهي. گذريل سا?? آءِ ٽي جي شعبي ۾ مراعتون ڏنيون ته انفارميشن ٽي??نا??اجي جو روانگي واپار ٻيڻو ٿي ويو. چين ٽي??نا??اجي جي ڪري ترقي ڪئي. چين ۽ ترڪي جهڙن ملڪن روانگي واپار جي فروغ کي ترجيح ڏني. ان سا?? انهن ملڪن ترقي ڪئي ۽ انهن جو زندگي جو معيار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته چين سا?? اسان جي دوستي 70 سا??ن تي ٻڌل آهي، چين هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو سا?? ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ??ورونا کانپوءِ گهڻو تيزي سا?? بحال ٿي. اين سي او سي جي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ڪورونا وائرس جي وبا سا?? اسان جي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ڀارت جي معيشت بري طرح متاثر ٿي. عالمي ادارا به اعتراف ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا دوران معيشت ۽ زندگين کي محفوظ بڻايو. هن چيو ته صنعت ۽ روانگي واپار جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. درآمدي بل ۾ گهٽتاڻي آڻڻي آهي ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻو آهي ڇو ته مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو مسئلو آهي ۽ ان جي ذريعي هر سا?? هڪ هزار ارب ڊالر غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ ڪاروباري سطح تي لاڳاپن ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. اسان زرعي شعبي ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪري رهيا هئاسين، اسان کي جديد ٽي??نا??اجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهرن جي پکڙجڻ جي ڪري فوڊ سيڪيورٽي، آلودگي، بجلي، پاڻي سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اسان جا شهر تيزي سا?? پکِڙي رهيا آهن، گرين ايرياز ختم ٿي رهيا آهن،. اسلام آباد ۽ لاهور جي آبادي ۾ تيزي سا?? اضافو ٿيو آهي، چين جي شهري ترقي تعريف جوڳي آهي، اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته ان فورم جي قيام تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. سي پيڪ تحت توانائي، روڊ انفراسٽرڪچر سميت ٻين منصوبن تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعت، زراعت ۽ سماجي معاشي تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل سا?? پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سا?? ٿي ويا آهن. ان فورم جي قيام سا?? ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڻ ۾ رابطي جو موقعو ملندو. ان کان اڳ سي پيڪ منصوبن بابت دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل