اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان ??رسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان ??لاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خا?? کي هڪ رول ماڊل قرار ??يندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسل?? کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهر??ي. ??فد پاران صدر کي مولانا ظفر علي خان ??يموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻي?? کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ??رسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان ??رحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوشش?? کي ساراهيو.
معاشري ۾ مثبت تبديلي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔