اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پ??ڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پ??ڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پ??ڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ??سان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ??ينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پ??ڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.
پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی