اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربا??يج??ن جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربا??يج??ن جي دفاع واري وزير ڪر??ل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربا??يج??ن جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي ساراهيو. هن آذربا??يج??ن جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربا??يج??ن جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربا??يج??ن جي دفاع واري وزير آذربا??يج??ن جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ?? آذربا??يج??ن جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.
وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي دفاع واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن