اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ??ي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪس??ان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانس??ان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، افغانس??ان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپ??ند?? خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ تر??ي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي ??زي?? چيو ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپ??ند?? جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ تر??ي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي ??زي?? چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو مسلمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانس??ان مان اچي رهيا آهن، اسان کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان امت جي لاءِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ تر??ي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.
داعش، ايسٽ ترڪستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ