اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تب??هي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن گ??ڙي??َ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دور?? موسمياتي تب??يلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تب??يلين جي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil