اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي ف??ٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۽ اڳوڻي ف??ٽا جي شآگردن جي لاءِ وڏ?? تحفو آهي. وزيراعظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي ف??ٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي ف??ٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي ف??ٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور اداڪندي. وزيراعظم جي هدايتن تي يونيورسٽي مان ڪڍيا ويندڙ شاگرد به بحال ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل ش??گردن کي يونيورسٽي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف اهڙي طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏ?? وزير طور شاگردن کي ڏنيون هيون.
وزيراعظم جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور پاران بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی