اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيار?? جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختيار?? جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي ??اڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيار?? جي حق جي ڏهاڙي طور تي ??لهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئ?? جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرن??م جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿ?? جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختيار?? جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مق??د مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏيل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرج?? جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيار?? جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ