اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن ??ي سرڪاري دوري تي گڏ??ل عرب امارات ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏ??ل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل