اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز ??ري?? پنجاب صوبي جي چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوا??ن کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. شهباز ??ري?? پارٽي صدر جي طور تي اهي هدايتون جاري ڪيون. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوارن جي فهرستن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پارلياماني بورڊ کي به هدايت ڪئي آهي. اميدوا??ن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب صوبي ۾ نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 14 مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ٿيڻ جي ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائين. محمد شهباز ??ري?? اميدوارن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ جو نالو وٺي چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪريو. مسلم ليگ (ن) پاڪستان ۽ عوام جي خدمت جو نالو آهي. هن چيو ته قائد محمد نواز ??ري?? جي رهنمائي ۾ اسان سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي، هاڻي به سرخرو ٿينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي، دهشتگردي جو خاتمو، عوام جي لاءِ بهترين سفري سهولتون قائد نواز ??ري?? ۽ ان جي پارٽي جي سڃاڻپ آهي. محمد شهباز ??ري?? چيو ته جهڙي طرح بجلي جي اونداهين کي ختم ڪيو، پاڪستان کي معاشي قوت بڻايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اهي منزل حاصل ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا، ليپ ٽاپ، وظيفا ڏنا، اهو سفر اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ملڪ کي معاشي تباهي، مهانگائي ۽ مسئلن جي عذاب ۾ مبتلا ڪندڙن کي عوام ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چونڊ اميدوا??ن کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي لاءِ 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پاران پنجاب صوبي جي چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون طلب
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔