واشنگٽن-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ??تا?? اميد ??اهر ڪئي آهي ته ڀارت پاڪ??تا?? جي وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير سميت اهم حل طلب مسئل?? جي حل لاءِ ڳالهي?? جي آڇ جو مثبت جواب ڏيندو. آمريڪا ۾ پاڪ??تا?? جي سفير مسعود خان خطي ۾ ٿيل تازي ترين اڳڀرائي?? جي حوالي سان آمريڪي هفتيوار ميگزين نيوز ويڪ جي آرٽيڪل ۾ آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته هو شديد ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل والاريل ڪشمير تي وڌيڪ ڌيان ڏي. هن چيو ته اسان سدائين ڀارت سان سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو، وزيراعظم پاڪ??تا?? هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهي?? جي آڇ ڪئي آهي، آمريڪا به پاڪ??تا?? ۽ ڀارت وچ ۾ ڳڻتي جي مسئلن تي سڌو سنئون ڳالهي?? جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. مسعود خان چيو ته اسان کي اميد ??هي ته نئين دهلي طرفان گڏيل ميل جول جو جواب ملندو. پاڪ??تا??ي سفير يوم استحصال تي ڳالهيندي خبردار ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غير قانوني الحاق سان تڪراري علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جهڙا قدم خطي جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي اها رڳو الحاق نه هو پر هي نئون ڊوميسائيل قانون هو جنهن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير مقامي رهواسي?? جي اچڻ جا رستا کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي هٿياربند فوج کي ڄمون ڪشمير اندر زمين حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ هو آبادي سڃاڻپ کي تبديل ڪري رهيو آهي ۽ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻيهر چونڊ تڪ بنديون به ڪري رهيو آهي. پاڪ??تا??ي سفير علائقائي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺندي چيو ته افغان??تا?? جو معاشي مستقبل ملڪ ۾ استحڪام تي آهي، هن چيو ته اسان جو گڏيل مقصد دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي ته جيئن اسان پنهنجي اقتصادي جاگرافيائي مان فائدو کڻي سگهون، ان اقتصادي جاگرافيائي کي وڌيڪ رابطي، اقتصادي حصيداري لاءِ استعمال ڪري سگهجي ۽ هر شڪل ۾ دهشتگردي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي مسعود خان چيو ته خطي ۾ آمريڪا جون سفارتي ڪوششون هميشه مثبت رهيون آهن، اسان کي خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ آمريڪا جي تعميري ڪردار جي آجيان ڪريون ٿا. پاڪ??تا??ي سفير چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي تعاون، اقتصادي ترقي، ماحولياتي تبديلي، توانائي، صحت ۽ تعليم سميت اهم شعبن تي ڳالهين ۾ مصروف آهن. هن چين پاڪ??تا?? لاڳاپن کي هڪ اهم رشتو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪ??تا?? جي اقتصادي ترقي ۾ سڌو سنئون ۽ استحڪام لاءِ اڻ سڌي طرح ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان سان گڏ اسان آمريڪا سان به ايترن ئي مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. پاڪ??تا??ي سفير ماڻهن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هزارين پاڪ??تا??ي شاگرد آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن.
اميد آهي ته ڀارت پاڪستان طرفان ڀارت جي والاريل ڪشمير سميت اهم حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي آڇ جو مثبت جواب ڏيندو: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada