بڊاپسٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) هنگري جي مرڪزي ۽ اولهه وارن عل??ئق?? ۾ شديد برفباري سبب زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي ويو ۽ روڊن، ريلوي لائ??ن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ متاثر ٿي. هنگري جي ڊيزاسٽر منيجمنٽ بابت نيشنل ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٻڌايو ته شديد برفباري سبب وڻ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي رستن تي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيون. ڪمپني ايم اي وي چيو آهي ته مل?? جي اولهه ۽ اتر اوڀر وارن عل??ئق?? ۾ ٽرينن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي آهي. ان صورتحال ۾ ٽري??ن ۽ بسن جي مسافرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ مطابق گادي واري شهر فرينڪ لزٽ بين الاقوامي هوائي اڏي تي اڏامن جي اچ وڃ ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. اختيارين مطابق گادي واري شهر سميت متاثر عل??ئق?? ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا