مدينه منوره-21 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب مسج?? نبوي ۽ مسجد قبا جي زائرين لاءِ بس سروس جي سهولت جاري آهي، ميڊيا رپورٽن موجب مدينه ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي نگراني ۾ مدينه بس منصوبو مسج?? نبوي ۽ مسجد قبا تائين زائرين ۽ رهواسين جي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي،مدينه بس سروس منجهند جو ٽي وڳي کان تراويح جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ تائين جاري رهندي، اٿارٽي موجب اها بس سروس ستن مختلف اسٽيشنن لاءِ آهي،اٿارٽي ان حوالي سان هڪ لنڪ جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي بس نمبر ۽ بس اسٽاپ کي ڏسي سفر جي شروعات يا سفر ختم ڪرڻ جي چون?? ڪري سگهجي ٿي، مدينه بس پروجيڪٽ جو اهم مقصد رمضان ۾ شهرين ۽ زائرين کي روڊن تي گاڏين جي رش ۽ گاڏين مان خارج ٿيندڙ دونهين ۽ گرمي کان بچائڻ ۽ آرام سان مسج?? نبوي کان مسجد قبا پهچائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش