برسلز _ 14 نومبر (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چ??و آهي ته اسرائيل غزه ۾ عسڪريت پسندن کي ختم ڪرڻ جو پنهنجو مقصد ح??صل ڪري ورتو آهي هاڻي هو جنگ س??يل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ۾ هن چ??و ته اسرائ??ل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آهي . هن چ??و ته غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آهي . هن جو چوڻ هو ته جنگ کي ختم ڪرڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل امداد جي فراهمي جو سڀ کان موثر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگهي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چ??و ته اها اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن غزه ۾ جاري انساني بحران کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ موثر ڪوششن تي زور ڀريو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي امدادي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ??وه?? سبب امدادي سامان ورهائي ناهن سگهيون، اهو ضروري آهي ته ان صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II