اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلا??ات?? نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته فلم جي جديد تخليقي ذريعي کي پنهنجي ثقافت، ورثي، روايتن ۽ اسڪرين ٽوورازم جي واڌويجهه لاءِ استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم پئڪيج تح?? نيشنل فلم اينڊ براڊڪاسٽنگ ڪميشن ۽ نيشنل فلم انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي جو قيام، اسٽوڊيوز کي جديد هم آهنگ اوزارن سان ليس ڪيو ويندو، براڊڪاسٽنگ انڊسٽري جي مدد لاءِ پرائم منسٽر فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ قائم ڪيو ويندو، مالياتي قانونن ۾ نرمي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون، پرڏيهي فلم ٺاهيندڙن کي به سموريون ممڪن سهولتون ميسر هونديون. هو پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهي هئي. ملاقات ۾ فلم پر??ڊڪ??ن، براڊڪاسٽنگ پاليسي ۽ فلمي صنعت جي بحالي جي حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن ۽ اعلان ڪيل پئڪيج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير مري?? اورنگزيب چيو ته فلم جي جديد تخليقي ذريعي کي پنهنجي ثقافت، ورثي، روايتن ۽ اسڪرين ٽوورازم جي واڌويجهه لاءِ استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
فلم ذريعي ثقافت جي واڌويجهه لاءِ استعمال ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام