جده -12 جولاءِ (اي پي پي) سع??دي عرب کي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. سع??دي خابرو اداري م??ابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ سع??دي عرب جي ڪوششن سال 24-2023?? لاءِ انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن (ايڪاو) جي ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023?? لاءِ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ سع??دي عرب جي نمائندي طور ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هي?? سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان سع??دي عرب پاليسين، اسٽريٽجڪ ۽ منصوبابندي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آهي. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي م??بوط بڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مرتب ڪرڻ آهي. تنظيم ۾ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽريٽجڪ سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي ايشن سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه بندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي م??يار ۽ سلامتي جي سفارشن تي م??اورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي لاءِ اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني م??اخلت کان بچائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آهي. واضح رهي ته سع??دي عرب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آهي، ان 1980ع ۾ پنهنجو مستقل وفد قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آهي.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ