هراري- 06 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ??يڇ او) زمبابوي کي ڪالرا (هيضه) بيماري تي ضابطو ??ڻڻ ۾ مدد لاءِ سامان ۽ دوائن جو عطيو ڏنو آهي. ڊبليو ??يڇ او جي آفريقا بابت ريجنل ڊائريڪٽر ماتشيڊ يسوموتي زمبابوي جي صحت ۽ ٻارن جي سارسنڀال جي وزير ڊگلس مومبشورا کي سامان ۽ دوائن جي کيپ حوالي ڪندي چيو ??ه اسان سڀني کي ڪالرا جي وبا کي خت?? ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻو آهي. ڪميوٽي کي متحرڪ ڪرڻو آهي ۽ کين علاج جي مرڪزن ۾ منتقل ڪرڻو آهي ته جيئن هو علاج حاصل ڪن جنهن سان زندگي بچي ويندي آهي. هن چيو ??ه هي عطيو ??مام وڏو اثر وجهندڙ آهي ان وبا کي جلد کان جلد خت?? ٿيڻو آهي. واضح رهي ته زمبابوي ۾ 30 نومبر تائين هيضي جي مجموعي طور تي 9895 شڪي ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان 9466 صحتياب ٿيا ۽ 53 جي فوتگي جي تصديق ٿي چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا