رمله- 01 جنوري (اي پي پي) فسلط??ني صدر محمود عباس اسرائيلي جنگ کي فوري طور تي روڪڻ ۽ غزه ۾ امداد جي جازت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته فوجي حل خطي کي تباهي جي ڪناري تي ڌڪي ڇڏيندو. العربيه نيوز موجب هن وڌيڪ چيو ته فلسط??ني عوام اڄ غزه جي پٽي، اوله?? ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس ۾ جنگ سبب تباهي جو شڪار آهن، جنهن جو مقصد اسان جي نصب العين کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي هڪ انساني مسئلي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر 1948ع جي عمل کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فلسط??ني صدر چيو ته فلسط??ني پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول ن?? ڪندا، چاهي کين ان جي ڪا به قيمت ڇو به ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته والاريل بيت المقدس ۽ غزه سميت اوله?? ڪنارو هڪ نه ورهائڻ جوڳي جاگرفيائي آهي. هن چيو ته فوجي ۽ سيڪيورٽي حل ڪنهن لاءِ سلامتي ۽ امن نه آڻيندو پر هي خطي ۽ دنيا کي تباهي جي ڪناري ڏانهن ڌڪيندو. هن چيو ته واحد حل اهو آهي ته فلسط??ني عوام جي آزادي جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي. عالمي ٺهرائن تي ٻڌل سياسي حل طرف وڌيو وڃي، هڪ عالمي امن ڪانفرنس من??قد ڪرڻ سان آزاد فلسط??ني رياست جي قيام جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي.
فلسطيني پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول نه ڪندا: محمود عباس
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ