بيجنگ- 06 فيبروري (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ نميبيا جي نئين چونڊيل صدر ننگولومبومبا سان اڳوڻي صدر ه??ج گينگوب جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. چائنا گلوبل ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ مطابق هن گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت ۽ ه??ج گينگوب جي خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو. چيني صدر چيو ته نميبيا جي اڳوڻي صدر پنهنجي زندگي دوران چين ۽ نميبيا وچ ۾ سهڪار جي جامع اسٽريجٽگ شراڪتداري کي هٿي ڏني ۽ نميبيا ۽ آفريقا سان گڏ چين جي دوستي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چيني صدر چيو ته ه??ج گينگوب جي موت نه صرف نميبيا جي عوام لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي پر ??يني عوام به هڪ سٺي دوست کان محروم ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک