رياض-27 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي واپار واري وزارت غير قانوني انعامي اسڪيمن کي هلائڻ ۽ انسداد واپار جعلسازي قانون جي خلاف ورزي تي 6 واپاري ادارن خلاف جاچ جي شروعات جاري آهي . اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خوشبو ۽ پرفيومز جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 6 ڪاروباري مرڪزن انعامي اسڪيم جو ا??لا?? ڪيو هو . ادارن پاران صارفين کي اسپيشل جيٽ، لگزري گاڏين ۽ بنگلا، سون جا سيٽ ، اٺ ۽ سمارٽ فون جي انعامن جي ترغيب ڏني وئي هئي. انعامي اسڪيم جو ا??لا?? ڪاروباري مرڪز جي اليڪٽرونڪ شاپز ۽ سوشل م??ڊيا اڪائونٽس تي ڪ??و ويو بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪاروباري مرڪز پاران انعامي اسڪيم جي ضابطن جي خلاف ورزي ڪ??دي انعامي اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ خريداري جي شرط رکي هئي هڪ ڪاروباري مرڪز انعامي اسڪيم جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي تاريخ واضح نه ڪئي هئي. واپار واري وزارت انهن خلاف ورزين تي ڪاروباري مرڪزن جي اڳواڻن کي گهرائي ورتو ۽ انهن خلاف جاچ جي شروعات ڪئي آهي .
سعودي عرب ۾ غير قانوني انعامي اسڪيمون هلائيندڙ اداري خلاف ڪاروائي جي شروعات
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل