ماسڪو – 25 جولاءِ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ش??م جي صدر بشارالاسد سان مل??قا?? ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن وچ ۾ ماسڪو ۾ ٿيل مل??قا?? ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي ايف پي مطابق اها مل??قا?? هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن روس، 2015 ع ۾ گهرو ويڙهه دوران پنهنجي فوجي مداخلت ذريعي بشارالاسد جي حڪومت کي بچايو هو. گذريل سال مارچ کانپوءِ ٻنهي شخصيتن جي پهرين مل??قا?? ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان ترڪيه ۽ شام وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٽنهي اڳواڻن جي مل??قا?? جي امڪان کي جنم ڏيڻ کانپوءِ ٿي. ترڪيه جي صدر چيو ته هاڻي اسان ان هنڌ پهچي چڪا آهيون ته جيئن بشارالاسد ترڪيه سان لاڳاپن جي بهتري ڏانهن ڪو قدم کڻندو. اسان به اهڙي ئي طرز عمل جو مظاهرو ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش