بيجنگ -07 نومبر (اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو نئين دور ۾ هڪٻئي سان گڏجي هلڻ جو رستوڳولين ته جئين ٻنهي ملڪن ۽ وسيع تر دنيا کي فائدو پهچي. هن چيو ته مستحڪم مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن لاءِ ڪم ڪن??اسين ۽ عالمي برادري جي خواهشن تي پورو لهنداسين. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻئي ڌريون گڏيل احترام، پرامن گڏي?? بقاءَ ۽ کٽڻ واري سهڪار جي اصولن کي برقرار رکڻ سميت ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي مضب??ط ??ند??ون. اختلافن کي مناسب طريقي سان منظم ڪن??يون ۽ گڏيل فائديمند سهڪار کي وڌائينديون.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ