ابو ظهبي -31 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات روس ۽ يوڪ??ين وچ ۾ جنگي قيدين جي نئين سر ڏي وٺ جي حوالي سان ٽياڪڙي جي ڪوششن جي ڪاميابي جو ا??لان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ڪل 300 قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي جنهن ۾ يوڪ??ين جا 150 ۽ روس جا 150 قيدي شامل آهن. گڏيل عرب امارات جي ٽياڪڙي جي ڪوششن ذريعي روس يوڪ??ين جي قيدين جي ڏي وٺ جو انگ 2484 تائين ٿي ويو آهي. وزارت يو اي اي جي ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ سهڪار لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعريف ڪئي. اهي ڪوششون هڪ قابل اعتماد ٽياڪڙ طور گڏيل عرب امارات جي موقف کي ظاهر ڪن ٿيون. بيان ۾ عرب امارات پاران يوڪ??ين تڪرار جو پر امن حل ڳولڻ لاِ سموريون ڪوششون جاري ??کڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea