اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ??عب?? ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي تعليمي معيار کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستاني سائنسدان عا??مي سائنسي ادارن سان گڏجي علم جي ??عب?? ۾ اهڙي منصوبابندي ڪن جيڪا اسان جي ايندڙ ??سل جي لاءِ فائديمند هجي ۽ شاگرد ان مان لاڀ پرائي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. صدر اها ڳالهه اسپارڪو ۽ اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ ٻي عا??مي خلائي ڪانفرنس (آءِ سي ايس – 2016ع) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪن??ي چئي. ان موقعي تي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل، اسپارڪو جي چيئرمين قيصر انيس خرم ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ سائنسدانن ۽ عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.
دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن