اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ??يو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلمن کي موثر انداز ۾ نمايان ڪرڻ جي لاءِ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جو گذريل مهيني دورو ڪندڙ خودمختيار مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ جي وڏي پئماني تي اشاعت ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه او آءِ سي جي سيڪ??يٽ??ي جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم سيڪ??يٽ??ي جنرل جو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته او آءِ سي جو علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي. هن خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي او آءِ سي ۽ ڀائر مسلمان ملڪن جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن