ڪراچي – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته م??ڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضرور?? آهي، حڪومت نه رڳو 10 هزار ميگاواٽ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا پر انهن کي وقت سر مڪمل ڪيو، توانائي جي ڪيترائي منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن، هاڻي بجلي و??ي مقدار ۾ ملي ره?? آهي، حڪومت اهم قدم کڻندي گئس بحران تي ضابطو آندو، آمريت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ سدائين ناڪام رهي ۽ آمراڻا دور ڪڏهن به م??ڪ جي مستقبل جي مفاد ۾ ناهن رهيا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل لميٽيڊ (پي آءِ بي ٽي) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي آءِ بي ٽي ملڪ جو ڪوئلي، ڪلنڪر ۽ سيمينٽ جي چرپر لاءِ پهرين ٽرمينل آهي جيڪو پورٽ قاسم تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن تي 285 ملين ڊالر جي لاڳت آئ?? آهي ۽ هيستائين ڪوئلي جا 12 بحري جهاز لنگر انداز ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جمهوريت جي حل ۾ فيصلو ڏيڻ تي پاڪستاني عوام کي ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته ترقي جي سفر لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل ضرور?? آهي.
ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن