چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سر??را??ه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آه??، آمد تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽر?? تهمينه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي ص??ر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سر??را??ه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چين جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آه??، ايس سي او ۾ پاڪستان جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سر??را??ه ڪانفرنس آه??، ص??ر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چين جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم