اسلام ??با?? – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي ??ي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طو?? تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ??مون ۽ ڪشمي?? تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي ??با??ياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
عالمي برادري ڪشميرين جي انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa