اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي سازش ڪري رهيو آ??ي، ڀارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀا??ت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي هاڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز ??ه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلن جي منظوري کا??پوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي منظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي ميمبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن کا?? مٿانهون ٿي ملڪي مفادن کي اوليت ڏين ٿا، جي يو آءِ (ف) کا??سواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي حمايت ڪئي آ??ي، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي مشڪلاتن کا?? بچڻ جي سازش ڪري رهيو آ??ي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀا??ت جي ارادان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آ??ي، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿا، جنهن خوش اسلوبي سان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪميٽي ۾ بل جي حمايت جي مون کي خاطري ڪرائي آهي ان سان فائدو پاڪستان کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي مفاد سڀ کا?? مٿانهون آهن، ڪاش جي يو آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ها، جي يو آءِ (ف) مخالفت ڪري سٺو تاثر نه ڏنو، ملڪ جي لاءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس جي نقطن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آ??ي، هو قيد ۾ آ??ي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات وچ ۾ فرار ٿي سگهندو، هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀا??ت اهو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو، هن جو خيال هو ته ان کي آزاد ڪري ڀا??ت منتقل ڪيو ويندو، ڀا??ت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آ??ي، اپيل جو حق ڏنو آ??ي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته ان کي ٻيهر انصاف جي عالمي عدالت وڃڻ جو بهانو ملي وڃي، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ڀا??ت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀا??تي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀا??تي سفارتڪارن ڪلڀوشن سان ملاقات ڪئي، ڀا??تي سفارتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کا?? ڀڄن ته جي??ن بهانو ٺاهي سگهن.
دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری