اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آ??ي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ??امعلوم ماڻهن کان پارٽي ??نڊنگ جي نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي ??ي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آ??ي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي ??اران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آ??ي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پارٽي ??عاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آ??ي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ??امعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ ل??ءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.
تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável