??يل??نگو – 21 مارچ(اي پي پي) ڏکڻ اوڀر آفريقي ملڪ مل??وي ۾ سامونڊي طوفان فريڊي سبب فوتگين جو انگ وڌي 499 ٿي ويو آهي. پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق مل??وي ڊفينس فورس، مل??وي پوليس سروس ۽ برطانيه طرفان تنزانيه ۽ زامبيا سميت پاريسي ملڪن جي سهڪار سان ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن جي ڪا??روائيون جاري آهن، طوفان سبب هاڻي تائين 499 ڄڻا فوت ۽ 5 لک 8 هزار 244 بي گهر ٿي ??ڪا آهن. ڊيزاسٽرمينجمنٽ معاملن واري کاتي جي ڪمشنر چارلس ڪاليمبا چيو ته بي گهر ماڻهن لاءِ ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ڪئمپن جو مجموعي انگ 427 ٿي ويو آهي. ڏکڻ آفريقي ترقياتي ڪميونٽي مل??وي لاءِ 3 لک ڊالر جي امداد جي منظوري ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار