تهران- 06 فيبروري (اي پي پي) ايران سعودي عر?? سميت ??يترن ملڪن جي شهرين کي اڳواٽ ويزا ڏيڻ کان ڇ??ٽ ڏيڻ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اردو نيوز مطابق ايران جي سياحت واري وزير عزت الله ضر غامي چيو آهي ته ايران سعودي عر?? سميت ??ارت، روس، امارات?? بحرين، قطر، ڪويت، لبنان ۽ برازيل سميت 28 ٻين ملڪن جي شهرين کي اڳواٽ ويزا کان ڇ??ٽ ڏيڻ جو فيصلو ڊسمبر ۾ ڪيو هو جنهن تي عمل 5 فيبروري کان شروع ٿي ويو آهي. فيصلي مطابق هوائي رستي ايندڙ سعودي سياحن کي هاڻي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي جڏهن ته زميني رستي ايندڙ سياحن تي اهو فيصلو لاڳو نه ٿيندو. واضح رهي ته 2023ع جي پهرين 8 مهينن دوران ايران ۾ پرڏيهي سياحن جي انگ ۾ 48.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم