تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان جي ائٽ??ي ٺڪاڻن تي ڪنهن به قسم جي حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو .العربيه اردو موجب ايراني پ??ڏي??ي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسان جي ملڪ پنهنجي مفادن ۽ پر امن ائٽمي صنعت جي د??اع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جيو ٺهراءُ 533 ائٽ??ي ٺڪاڻن خلاف ڪنهن به ڌمڪي يا طاقت جي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ٿو، جيڪو عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي نگراني سان مشروط آهي. هن ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو هڪ واضح دستاويز آهي. اهو فيصلو صرف طاقت جي استعمال يا ائٽ??ي ٺڪاڻن تي حملا روڪڻ تائين محدود ناهي پر ان ۾ مملڪت جي پر امن ائٽ??ي ٺڪاڻن خلاف طاقت جي استعمال جي خطري کي روڪڻ به شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اهڙن معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي پابند آهي. هن اعلان ڪيو ته ملڪن جي پر امن ايٽ??ي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ وارو ڪو به حملو يا خطرو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو يا خلاف ورزي تصور ڪيو ويندو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ان مسئلي لاءِ مينڊيٽ واضح آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اهڙن خطرن جي حوالي سان فيصلاتي ۽ واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن ا?? ڳالهه طرف اشارو ڪندي چيو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي پر امن ايٽمي صنعت جي د??اع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. انهن ٺڪاڻن جي خلاف ورزي جي ڪنهن به ڪوشش جو ايران جي حقن ۽ فائدن جي تحفظ لاءِ سخت موقف اختيار ڪيو ويندو.
ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو: ايران
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری