اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان والاريل ڪشمير جي عوام جو آواز بڻجي چڪو آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري کي ڊو مور ڪرڻو پوندو، وزيراعظم ??مر??ن خان جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهندو، ڪابينا جمعي ڏينهن 12 وڳي کان ساڍي 12 وڳي دوران ڪشميرين سان يڪجهتي جي وزيراعظم جي اعلان جي توثيق ڪئي آهي. وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ 10 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم ڪشمير جي صورتحال تي قوم کي خطاب تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم