چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??يامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??هي ئي قومون ترق?? ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪار?? ڪن ٿيون. هن چيو ته ??نصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئ?? ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم کان ??زا?? ٿي وڃن ٿيون.
ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2