اسلام آ??اد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي ??اتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام امن جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ??اتمي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي جي ??ورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي ??لاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي ??د ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون ??امل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي ??نيادي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي ??هرين جي ??نيادي حقن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قانونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون ??امل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪ??اد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان کي اها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.
قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے