اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڪنڊڪڙ?? ۾ ??کڙيل دل ڪش سياحتي ماڳن ۽ ملڪي سياحتي صلاحيت کي مڪمل طور استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سياحت بابت اعليٰ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي خاص مددگار پرڏيهي پاڪستانيز اينڊ ه??ومن ريسوس ڊولپمينٽ (بطور ڪنوينر)، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، مواصلات واري وزارت، هوابازي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزارت جا سيڪريٽريز يا انهن جا نمائندا (جيڪي گريڊ 21 کان گهٽ نه هجن)، سمورا چيف سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪار??ور??شن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر تي مشتمل هوندي.
وزيراعظم سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار