اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبو پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدوف سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪمانستان ٻه طرفي لاڳاپا، تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ۽ ٽ?? اي پي پاور ٽرانسميشن لائنز ??ي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ