اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي مل?? آهي، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم ج?? سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخ??لف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي جائيدادن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي ره?? آهي، اڄوڪي اليڪشن مان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪند?? سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ مان به رد ٿي چڪ?? آهي. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته ملڪ هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ج?? سياست پاڪستان جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفادن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شروع ٿي، استعيفائن جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرند?? آهي، هن چيوته ته اڄوڪي سبق مان پي ڊي ايم ج?? سياسي تدفين ٿي چڪ?? آهي ان تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي موقعي تي مخ??لف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي به مخ??لف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته عمران خان هڪ نڊر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ آهي. هو ملڪ ۽ قوم کي تر??ي طرف وٺي ويندو.
صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔